پشاور: خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.زلزلو پيما مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 3.2 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز پٽن جي اولهه ۾ لڳ ڀڳ 50 ڪلوميٽر پري هو، جڏهن ته ان جي کوٽائي 25 ڪلوميٽر زير زمين رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلو صبح 7 لڳي 17 منٽن تي رڪارڊ ڪيو ويو.ابتدائي اطلاعن موجب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي خبر ناهي ملي، پر جهٽڪن سبب شهرين ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي.ياد رهي ته ان کان اڳ افطار جي وقت به خيبرپختونخوا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 5.6 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو هو، جنهن جو مرڪز هندوڪش ريجن ۾ هو ۽ کوٽائي 73 ڪلوميٽر هئي.ان وقت زلزلي جا جهٽڪا اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، سوات، مردان، چترال ۽ سرگودھا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا هئا۔
