مارچ کان پيٽرول 5.13 رپيا ۽ ڊيزل 6.8 رپيا في لٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پاڪستان ۾ 1 مارچ کان پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي. عالمي سطح تي تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تبديلي جو خدشو آهي.ذرائع موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5.13 رپيا في لٽر اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 263.30 رپيا في لٽر ٿي سگهي ٿي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6.8 رپيا في لٽر اضافو متوقع آهي ۽ نئين قيمت 282.50 رپيا في لٽر ٿي ويندي.آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم مصنوعات جي حتمي ڪم پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪليندي. قيمتن ۾ حتمي تبديلي جو فيصلو وزيراعظم جي منظوري بعد ڪيو ويندو.توقع آهي ته قيمتن ۾ هي اضافو صارفين تي اثرانداز ٿيندو ۽ مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي مهانگائي ۾ واڌ ڏسڻ ۾ ايندي.

پنھنجي راءِ لکو