اسلام آباد: وفاقي ڪابينا 10 رپين جا نوٽ سکين ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي، جنهن جو مقصد قومي خزاني کي اضافي خرچن کان بچائڻ آهي.هي تجويز اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن جي رپورٽ جي بنياد تي تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا وزير خزانه جي قيادت هيٺ اعليٰ سطح جي ڪميٽي ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي.رپورٽ موجب هڪ ڪاغذي نوٽ 6 کان 9 مهينن ۾ ضايع ٿي ويندو آهي، جڏهن ته سڪو 20 کان 30 سال تائين گردش ۾ رهي سگهي ٿو.سالاني 10 رپين جا نوٽ ڇپائڻ ۽ سنڀالڻ تي 8 کان 10 ارب رپيا خرچ ٿين ٿا، جڏهن ته سکين ۾ منتقلي سان ايندڙ 10 سالن ۾ 40 کان 50 ارب رپين جي بچت ممڪن آهي.اسٽيٽ بينڪ موجب سالاني ڇپجندڙ ڪل نوٽن جو 35٪ حصو صرف 10 رپين جي نوٽن جو آهي. اسٽيٽ بينڪ ايندڙ ٽن سالن دوران 10 رپين جي نوٽن جي ڇپائي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.10 رپين جا سڪا پهريون ڀيرو 24 آڪٽوبر 2016 تي جاري ڪيا ويا هئا. ڪاغذي نوٽن کي سکين ۾ منتقل ڪرڻ سان گرین بينڪنگ ۽ ماحول دوست اقدام کي به فروغ ملندو.هي قدم پاڪستان کان اڳ برطانيه، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا جهڙن ملڪن ۾ پڻ ورتو ويو آهي.
