ايران جا خليجي ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل حملا، صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري

مشرقِ وسطیٰ ۾ ڇڪتاڻ خطري واري سطح تي پهچي وئي آهي۔ ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل حملن کان پوءِ هاڻي ايران خليجي ملڪن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ رپورٽن موجب بحرین جي گادي واري شهر منامه ۾ آمريڪي بحريه جي پنجين بحري بيڙي جي هيڊڪوارٽر تي ميزائل حملو ڪيو ويو آهي، جنهن جي تصديق بحريني اختيارين پڻ ڪئي آهي۔

بحرين جي گهرو وزارت شهرين کي هدايت جاري ڪئي آهي ته هو محفوظ هنڌن تي رهن ۽ اهم شاهراهن کان پاسو ڪن۔

ان کان علاوه ڪويت، قطر، گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب مان به ڌماڪن ۽ سائرن جون اطلاع مليون آهن۔ قطري بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايران طرفان فائر ڪيل ميزائل دفاعي نظام ذريعي فضا ۾ ئي تباهه ڪيا ويا ۽ ملڪ جي سلامتي مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي۔

ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ڏانهن ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته تل ابيب ۽ حيفا ۾ ڌماڪن جون آوازون ٻڌيون ويون آهن۔ هڪ ايراني سينيئر عهديدار خبردار ڪيو آهي ته خطي ۾ موجود سڀ آمريڪي ۽ اسرائيلي اثاثا سندن نشاني تي آهن ۽ هن تڪرار جا اثر ڊگهي عرصي تائين رهندا۔

مجموعي طور صورتحال انتهائي نازڪ آهي ۽ عالمي سطح تي ڳڻتي وڌي رهي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو