راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): پنجاب ۾ ايمرجنسي نافذ ٿيڻ کانپوءِ راولپنڊي جي وڏن سرڪاري ۽ الائڊ اسپتالن کي مڪمل هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي، جتي ڪنهن به هنگامي صورتحال لاءِ فوري طبي امداد کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع منصوبابندي فعال ڪئي وئي آهي.
ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر اکرام الله نياذي موجب وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شریف ۽ صوبي جي صحت کاتي جي هدايتن مطابق سڀ انتظامات مڪمل ڪيا ويا آهن. اضافي ٽراما ٽيم پڻ 30 منٽن اندر رسپانس لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.
اي مرجنسي ڊپارٽمينٽ ۾ 40 بسترا خالي رکيا ويا آهن، ضروري دوائون موجود آهن ۽ اضافي فراهمي جو بندوبست به ڪيو ويو آهي. بلا تعطل بجلي لاءِ جنريٽر ۽ بیک اپ سسٽم فعال آهن.
بي نظير ڀٽو اسپتال ۾ 50 بسترا تي مشتمل هنگامي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميڊيڪل ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ 24 بستارن سان ڪم ڪري رهيو آهي.
هولي فيملي اسپتال پڻ پنهنجو ايمرجنسي پلان نافذ ڪري ڇڏيو آهي. وارڊز، آپريشن ٿيٽرز، بلڊ بينڪ ۽ ٽراما سينٽرز کي مڪمل الرٽ تي رکيو ويو آهي.
حڪام موجب راولپنڊي جي ٽي وڏين طبي سهولتن ۾ باهمي رابطو ۽ هم آهنگي تحت صوبائي سطح تي جاري ايمرجنسي انتظامن جو حصو آهي ۽ ڪنهن به صورتحال لاءِ مڪمل تياري موجود آهي.
