اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڈار چيو آهي ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کان پوءِ ايران سعودي عرب تي حملو نه ڪرڻ جي ضمانت فراهم ڪري ڇڏي آهي۔ميڊيا بريفنگ دوران اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان دل ۽ جان سان ايران سان گڏ بيٺو آهي ۽ ملڪ اندر هن معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ مناسب ناهي۔ هن چيو ته پاڪستان پنهنجو فرض سمجهي ايران جي جنگ روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي۔پرڏيهي وزير موجب اعلانيه ۽ بئڪ ڊور سفارتڪاري ذريعي ايران جي معاملي تي سرگرم ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي ۽ ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي۔اسحاق ڊار ٻڌايو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدو موجود آهي، جنهن جي روشني ۾ پاڪستان ايران سان رابطو ڪري درخواست ڪئي ته سعودي عرب تي حملو نه ڪيو وڃي۔هن وڌيڪ چيو ته ايران مطالبو ڪيو ته سعودي سرزمين ان جي خلاف استعمال نه ٿيندي، جنهن تي پاڪستان جي درخواست تي سعودي عرب ايران کي ضروري ضمانت فراهم ڪري ڇڏي آهي۔
