آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملا پنجين ڏينهن به جاري رهيا، رات ڀر تهران ڌماڪن سان گونجندو رهيو۔عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فضائي حملن دوران ايراني ميزائل لانچرن ۽ هڪ جوهري تحقيقي مرڪز کي نشانو بڻايو ويو۔ آمريڪي فورسز دعويٰ ڪئي آهي ته پنجن ڏينهن اندر ايران ۾ 2 هزار هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته هڪ آبدوز سميت 17 ايراني بحري جهاز تباهه ڪيا ويا آهن۔ٻئي پاسي ايران جو اهم ايٽمي مرڪز پڻ حملن ۾ جزوي طور متاثر ٿيو آهي۔ بهرحال عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي تصديق ڪئي آهي ته ڪنهن به قسم جي تابڪاري جي اخراج جو خطرو ناهي۔اداري موجب سيٽلائيٽ تصويرن جي بنياد تي ڪجهه عمارتن کي نقصان پهتو آهي، پر زمين هيٺ موجود اهم تنصيبات محفوظ آهن۔ صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي۔
