ايران جو نئون وزير دفاع 24 ڪلاڪن اندر شهيد، اسرائيل جو “آپريشن رورنگ لائن” تحت تهران تي وڏو حملو

تهران ۾ اسرائيلي فضائي حملن جي نتيجي ۾ ايران جو عبوري وزير دفاع ميجر جنرل مجيد ابن الرضا مقرري کان صرف 24 ڪلاڪن اندر شهيد ٿي ويو۔اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جاري سڌي جنگ ۾ شدت اچي وئي آهي۔ اسرائيلي فوج “آپريشن رورنگ لائن” تحت حملن جي نئين لهر شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ ايراني قيادت ۽ اهم سرڪاري مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو آهي۔اسرائيل دعويٰ ڪيو آهي ته تهران ۾ صدارتي دفتر، سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جا دفتر ۽ قيادت جو مرڪزي ڪمپائونڊ بمباري جو نشانو بڻيا۔ان کان علاوه قم شهر ۾ Assembly of Experts جي اجلاس تي حملي جو پڻ دعويٰ ڪيو ويو، جڏهن ته ايراني ميڊيا موجب حملي وقت عمارت خالي هئي۔ايراني هلال احمر موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 13 فوجين سميت وڌيڪ 96 ماڻهو شهيد ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي انگ 788 تائين پهچي ويو آهي۔ صورتحال اڃا تائين غير واضح ۽ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو