ايران جي شهيد سپريم ليڊر آیت اللہ علی خامنہ ای جي پٽ مجتبیٰ خامنہ ای بابت هلندڙ قياس آراين کانپوءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي۔پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايراني سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي آهي ته مجتبيٰ خامنه اي زنده ۽ مڪمل صحتمند آهن۔ اسرائيلي حملي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سندن باري ۾ مختلف افواهون گردش ڪري رهيون هيون۔رپورٽ موجب مجتبيٰ خامنه اي قومي حڪمراني ۽ سياسي حڪمت عملي بابت اعليٰ سطحي صلاح مشورن ۾ شريڪ آهن۔ ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ جي موجوده صورتحال تي مسلسل ويچار ونڊ جاري آهي۔اها ڳالهه به ياد رهي ته حملي کانپوءِ ايران جي اندروني ۽ علائقائي صورتحال ۾ بيچيني پيدا ٿي هئي، جڏهن ته سرڪاري وضاحت کانپوءِ ڪيترين ئي افواهن جو خاتمو ٿي ويو آهي۔
