اتر ڪوريا جديد 5,000 ٽن جنگي بحري جهاز جو تجربو ڪيو، ڪم جونگ ان نگراني ۾ ميزائل فائر

نمپو، اتر ڪوريا: اتر ڪوريا جي اڳواڻ كم جونگ ان ملڪ جي جديد ترين 5,000 ٽن وزني جنگي بحري جهاز جو دورو ڪيو ۽ جهاز مان داغيل ‘اسٽريٽجڪ ڪروز ميزائل’ جو تجربو پاڻ ڏٺو.
هي تجربو اتر ڪوريا جي بحري طاقت ۽ جارحانه صلاحيت وڌائڻ جي مقصد سان ڪيو ويو.

كم جونگ ان بحر الڪاهل ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي مبينه اشتعال انگيزيءَ جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته ملڪ جي بحري طاقت کي وڌيڪ جديد بڻايو ويندو.

نمپو شپ يارڊ دوران، هن هدايتون ڏنيون ته نئين پنج ساله منصوبي تحت هر سال گهٽ ۾ گهٽ ٻه اهڙا يا ان کان وڏا جنگي بحري جهاز تيار ڪيا وڃن. سرڪاري ميڊيا موجب بحري جديدي جو مقصد ملڪ جي خودمختياري جو دفاع ۽ سامونڊي حدن ۾ دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ آه

پنھنجي راءِ لکو