عيدالفطر تي نون ڪرنسي نوٽن جي بندش بابت افواهون رد، اسٽيٽ بينڪ جو بيان جاري

عيدالفطر جي موقعي تي عيدي ڏيڻ هڪ اهم روايت آهي، جتي ماڻهو پنهنجن پيارن ۽ ٻارن کي نوان ڪرنسي نوٽ ڏيندا آهن۔ هر سال عيد کان اڳ بئنڪن مان نوان نوٽ حاصل ڪيا ويندا آهن۔سوشل ميڊيا تي هڪ وائرل نوٽيفڪيشن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان عيدالفطر تي نوان نوٽ جاري نه ڪندو ۽ ايس ايم ايس سروس بند ڪئي ويندي۔پر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ان دعويٰ کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙو ڪو به سرڪاري اعلان جاري ناهي ڪيو ويو۔ اختيارين موجب نون نوٽن بابت ڪا به حتمي ڄاڻ رڳو سرڪاري ميڊيا رليز ذريعي جاري ڪئي ويندي۔عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته غير تصديق ٿيل خبرن تي ڌيان نه ڏين ۽ صرف مستند ذريعن تي ڀروسو ڪن۔

پنھنجي راءِ لکو