ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جي ايندڙ سپريم ليڊر جي چونڊ ۾ انهن کي به شامل ڪيو وڃي۔تفصيل موجب صدر ٽرمپ آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ‘ايگزياس’ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته آيت الله خامنہ ای جي پٽ مجتبیٰ خامنہ ای کي ايندڙ سپريم ليڊر بڻائڻ جي ڪوشش وقت جو ضايع آهي ۽ هو ان چونڊ کي قبول نه ڪندا۔ٽرمپ زور ڏنو ته ايران جي ايندڙ سپريم ليڊر جي چونڊ ۾ انهن کي به شامل ڪيو وڃي، جيئن وينزويلا جي معاملي ۾ ٿيو هو۔صدر ٽرمپ ايران جي پاسدارانِ انقلاب (IRGC)، فوج ۽ پوليس کي مخاطب ڪندي چيو ته “ايراني فوجي يا ته هٿيار ڏئي ڇڏين يا پوءِ يقيني موت لاءِ تيار رهو. هاڻي وقت آيو آهي ته ايراني سفارتڪار پنهنجي موجوده حڪومت جي خلاف باغي ٿي وڃن.”ٽرمپ اين بي سي نيوز سان ڳالهه ٻولهه ۾ آمريڪي زميني فوج ايران موڪلڻ جي امڪان کي رد ڪندي چيو ته اهو وقت جو ضايع آهي. انهن چيو ته ايران اڳ ۾ ئي پنهنجو بحري ۽ اهم عسڪري اثاثا وڃائي چڪو آهي، آمريڪا هن جنگ ۾ ايران کان گهڻو سنجيده آهي ۽ انهن جو پهريون مقصد موجوده ايراني نظام جو خاتمو آهي۔
