ايران تي سڀ کان وڏي بمباري جي خبرداري، وچ اوڀر ۾ جنگ شدت اختيار ڪري وئي
واشنگٽن/تھهران (ويب ڊيسڪ) – آمريڪي وزير خزانه Scott Bessent خبردار ڪيو آهي ته ايران تي اڄ رات تائين جي سڀ کان وڏي بمباري ڪئي ويندي.
تفصيل مطابق وچ اوڀر ۾ جاري هڪ هفتيوار جنگ خطري وارو رخ اختيار ڪري ورتو آهي، ۽ اسرائيل تيهران تي حملن جي نئين ۽ وسيع لهر شروع ڪري ڇڏي آهي.
اسڪاٽ بيسنٽ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته جنگ جي “سڀ کان وڏي بمباري” اڃا ٿيڻ واري آهي، جنهن جو مقصد ايران جي فوجي صلاحيتن، قيادت ۽ جوهري پروگرام کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ واضح ڪيو ته حملو ايران جي ميزائيل لانچر ۽ ميزائيل ٺاهڻ واري فيڪٽريز کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو، ته جيئن ملڪ جي صلاحيتون ڪمزور ٿين.
آمريڪي وزير خزانه چيو ته ايران آبنائے هرمز تي ڪنٽرول ذريعي عالمي معاشي افراتفري پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.
هفتي جي علي الصبح تههران جي مغربي علائقن ۾ زوردار ڌماڪا ٿيا، ۽ آسمان ڌوئين جي بادلن سان ڀري ويو. ايران پاران اسرائيل تي ميزائيلن جي برسات کان پوءِ مقبوضه بيت المقدس سميت سڄي اسرائيل ۾ سائيرن وڄڻ لڳا ۽ شهري پناهه گاهه ۾ محصور ٿي ويا.
