لبنان سرحد تي جھڙپون تيز: حزب الله جي حملي ۾ اسرائيلي وزير خزانه جو پٽ زخمي

لبنان جي سرحد تي جاري شديد جھڙپن دوران حزب الله طرفان راڪيٽن ۽ ڊرون حملن جي نتيجي ۾ اسرائيلي وزير خزانه بیزلیل سموٽريچ جو پٽ سميت ڪيترائي اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا آهن۔

اسرائيلي آرمي ريڊيو موجب وزير خزانه جو پٽ جمعي ڏينهن لبنان سرحد ويجهو فوجي ڪارروائي دوران پنهنجن ساٿين سان گڏ زخمي ٿيو۔ حزب الله ڏکڻ محاذ تي اسرائيلي فوجي پوزيشنن، مرڪزن ۽ گاڏين کي نشانو بڻائڻ لاءِ نئين گڏيل آپريشنن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي۔

رپورٽن مطابق بيروت جي ڏکڻ علائقن ۽ لبنان جي شهرن تي اسرائيلي حملن جي جواب ۾ مزاحمتي فورسن زاریت بيرڪن تي راڪيٽن جي برسات ڪري ڇڏي۔

اسرائيلي ميڊيا موجب سرحد ڀرسان ٽينڪ شڪن ميزائل لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 8 فوجي زخمي ٿيا، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔ زخمين کي منتقل ڪرڻ لاءِ هيليڪاپٽر طلب ڪيا ويا جڏهن ته حيفا جي اترين علائقن ۾ ڊرون حملن جي خدشي سبب خطري جا سائرن به وڄايا ويا۔

حزب الله جي جنگجوئن صبح سوير ‘ساعصاع’ بستي تي راڪيٽن سان حملو ڪيو، جڏهن ته ڏکڻ لبنان ۾ تازو قائم ڪيل ‘بلات’ سائيٽ کي خودڪش ڊرونن سان نشانو بڻايو ويو۔ ان کان علاوه مٽولا، منارا، مرج ۽ يفتاح بيرڪن ۾ اسرائيلي فوجي ٺڪاڻن تي توپخاني سان گولاباري پڻ ڪئي وئي۔

پنھنجي راءِ لکو