ايران کان پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ نئين موسمي نظام ۾ ممڪن آلودگي جي خدشي سبب موسميات کاتي اهم الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي۔فصيلن موجب موسميات کاتي ملڪ جي سڀني ريجنل سينٽرز ۽ آبزرويٽرين کي هنگامي بنيادن تي برسات جي پاڻي جا نمونا (سيمپلز) گڏ ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي۔ هن قدم جو مقصد اهو معلوم ڪرڻ آهي ته ڇا برسات جي پاڻي ۾ ڪا صحت لاءِ نقصانڪار يا ماحولياتي آلودگي موجود آهي يا نه۔
موسميات کاتي جي جاري ڪيل بيان موجب ايران کان ايندڙ موسمي نظام ۾ ممڪن آلودگي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي سڀني لاڳاپيل مرڪزن کي فعال ڪيو ويو آهي۔هر آبزرويٽري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته برسات دوران پاڻي جا نمونا باقاعدگي سان گڏ ڪيا وڃن ۽ هر سيمپل تي تاريخ ۽ وقت واضح نموني لکيو وڃي ته جيئن ليبارٽري جاچ دوران درست نتيجا حاصل ٿي سگهن۔گڏ ڪيل سڀئي نمونا موسميات کاتي جي ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ڊويزن (R&D) ڏانهن ليبارٽري ٽيسٽنگ لاءِ موڪليا ويندا۔موسميات کاتي سڀني ريجنل سينٽرز کي هدايت ڪئي آهي ته برسات جي پاڻي جا نمونا گڏ ڪرڻ لاءِ ضروري انتظام فوري طور مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن ممڪن ماحولياتي خطري جو بروقت جائزو وٺي سگهجي۔
