برطانيا ۾ روبوٽ ذريعي 2500 ڪلوميٽر پري ويٺل مريض جو ڪامياب آپريشن

برطانيا ۾ هڪ سرجن جديد روبوٽڪ ٽيڪنالاجي جي مدد سان لڳ ڀڳ 2500 ڪلوميٽر پري ويٺل مريض جو ڪامياب آپريشن ڪري طبي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل قائم ڪيو آهي۔بي بي سي جي رپورٽ موجب لنڊن جي هڪ سرجن پهريون ڀيرو اهڙو روبوٽڪ آپريشن ڪيو جنهن ۾ مريض ساڻس لڳ ڀڳ 1500 ميل (2400 ڪلوميٽر) پري جبرالٽر ۾ موجود هو۔مشهور روبوٽڪ يورولوجيڪل سرجن پروفيسر پروڪر داس گپتا ٻڌايو ته جڏهن هو 62 ورهين جي ڪينسر جي مريض پال بڪسن جي پروسٽيٽ ڪڍڻ واري سرجري ڪري رهيا هئا ته کين اهڙو محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هو پاڻ مريض وٽ موجود هجن۔پال بڪسن چيو ته هن تجربي جو حصو بڻجڻ ۽ طبي تاريخ جو حصو ٿيڻ سندس لاءِ بلڪل آسان فيصلو هو۔ماهرن موجب مستقبل ۾ اهڙيون ريموٽ روبوٽڪ سرجريون مريضن کي علاج لاءِ ڊگهي سفر ۽ وڏي خرچ کان بچائي سگهنديون ۽ پري پٺتي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين به بهتر طبي سهولتون پهچائڻ ۾ مدد ڏينديون۔

پنھنجي راءِ لکو