پاڪستان ۾ فائيو اسپيڪٽرم نيلامي جو افتتاح، ڊجيٽل انقلاب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ملڪ ۾ فائيو (5G) اسپيڪٽرم جي نيلامي باقاعده طور شروع ٿي وئي آهي. شروعاتي طور تي ملڪ جي پنجن شهرن ۾ فائيو جي فراهمي لاءِ نيلامي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو پهريون رائونڊ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ نتيجا جاري ڪيا ويا آهن.

پهرين مرحلي ۾ 2600 ميگا هرٽز بينڊ ۾ 190 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم موجود هو، جڏهن ته 110 ميگا هرٽز جي اضافي طلب هئي. 35 ميگا هرٽز بينڊ ۾ 280 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم هئي، جڏهن ته ڊيمانڊ 200 ميگا هرٽز تائين پهتي.

ٻئي رائونڊ ۾ 2600 بينڊ مان 700 ۾ سوئچ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 7 لاٽس وڌيڪ موجود آهن. وڌيڪ ڊيمانڊ سبب اسپيڪٽرم جي قيمت ۾ اضافو ٿيندو.

نيلامي جي افتتاحي تقريب ۾ چيئرمين پي ٽي اي حفيظ الرحمان چيو ته فائيو ڊيجيٽل هاءِ وي پاڪستان جو انجڻ آهي. وفاقي وزير آءِ ٽي شزه فاطمه چيو ته پاڪستان فائيو ٽيڪنالاجي استعمال ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي رهيو آهي.

وفاقي وزير ماليات محمد اورنگزيب چيو ته نيلامي لاءِ حڪومت پورو ايڪو سسٽم فراهم ڪيو آهي ۽ ملڪ بلاڪ چين ۽ AI جي نئين انڊسٽري ڏانهن وڌي رهيو آهي.

وزير ماليات وڌيڪ چيو ته فائيو اسپيڪٽرم نيلامي پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت لاءِ اهم قدم آهي، جنهن سان تيز، سستي ۽ بهتر ڊيجيٽل سروسز ميسر ٿينديون. نيلامي ورچوئل طور آن لائن ڪئي پئي وڃي ۽ ملڪ جون ٽن وڏيون موبائل ڪمپنيون شريڪ آهن.

پنھنجي راءِ لکو