نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): اقوام متحدہ کی سلامتی کونسل ايران پاران خليجي ملڪن تي ڪيل حملن خلاف مذمتي قرارداد وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي آهي۔
تفصيل موجب ايران خلاف هي قرارداد بحرین طرفان خليج تعاون ڪائونسل (GCC) جي ملڪن ۽ اردن تي ٿيل ميزائل ۽ ڊرون حملن جي تناظر ۾ پيش ڪئي وئي هئي۔
سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 13 ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته پاڪستان پڻ قرارداد جي حمايت ڪندي ايراني حملن جي مذمت ڪئي۔ روس ۽ چین ووٽنگ جي عمل ۾ حصو نه ورتو۔
قرارداد ۾ ايران کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فوري طور تي خليجي ملڪن تي حملا بند ڪري، خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي ۽ بين الاقوامي قانونن جي پاسداري يقيني بڻائي۔
بحرين طرفان پيش ڪيل هن قرارداد کي مجموعي طور 135 ملڪن جي اخلاقي حمايت حاصل هئي۔ قرارداد ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته خطي جي اقتصادي مرڪزن ۽ خودمختياري تي حملا ناقابلِ قبول آهن۔
