اسلام آباد: پاڪستان ۾ 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي 500 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي آهي۔ميڊيا رپورٽن موجب 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي ۾ وڏين ٽيليڪام ڪمپنين حصو ورتو، جڏهن ته ڪامياب بولي ڏيندڙن ۾ زونگ، يوفون ۽ جاز (ويون گروپ) شامل ن۔مشير خزانه خرم شهزاد چيو آهي ته 5G جي ڪامياب نيلامي پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ وڌندڙ پرڏيهي سيڙپڪاري جي علامت آهي۔ هن چيو ته هي سيڙپڪاري ملڪ جي معيشت ۽ سڌارن تي عالمي ڪمپنين جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿي۔هن وڌيڪ چيو ته 5G سروس شروع ٿيڻ سان ڊجيٽل معيشت کي هٿي ملندي ۽ ملڪ ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ جون سهولتون بهتر ٿينديون۔ ان موقعي تي ڪامياب ڪمپني جاز ايندڙ ٽن سالن ۾ وڌيڪ هڪ ارب ڊالر سيڙپڪاري جو اعلان پڻ ڪيو آهي۔
