ٽرمپ ايران کي “شيطاني سلطنت” قرار ڏئي ڇڏيو، تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جي اڳڪٿي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي “شيطاني سلطنت” قرار ڏيندي چيو آهي ته ايران کي ايٽمي طاقت بڻجڻ کان روڪڻ ۽ وچ اوڀر سميت دنيا کي تباهي کان بچائڻ سندس ترجيحن ۾ شامل آهي۔عالمي سطح تي تيل جي وڌندڙ قيمتن ۽ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب توانائي جي عالمي منڊي ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ صدر ٽرمپ چيو آهي ته تيل جون قيمتون جلد ئي ايتريون گهٽ ٿي وينديون جو ڪنهن کي به ان جو اندازو نه هوندو۔هن چيو ته هن وقت تيل جون وڌندڙ قيمتون آمريڪا لاءِ وڏي منافعي جو ذريعو آهن، پر جلد ئي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي۔ٽرمپ موجب لڳ ڀڳ 32 ملڪن پنهنجا تيل جا ذخيرا مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان سپلائي وڌندي ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي۔هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا آبنائي هرمز جي صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيو آهي ته جيئن عالمي تيل جي فراهمي متاثر نه ٿئيٻئي طرف آمريڪي ناڻي واري وزير اعلان ڪيو آهي ته سمنڊ ۾ موجود روسي تيل جي خريداري لاءِ عارضي اجازت ڏني وئي آهي ته جيئن عالمي سپلائي چين کي سهارو ملي هي۔آمريڪي قدمن جي جواب ۾ ايراني فوج سخت وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته دنيا 200 ڊالر في بيرل خام تيل خريد ڪرڻ لاءِ تيار رهي۔ايراني عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا تيل جون قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو ۽ هو آمريڪا، اسرائيل يا انهن جي اتحادي ملڪن تائين تيل جو هڪ ليٽر به نه پهچڻ ڏيندا۔ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندس مفادن کي نقصان پهتو ته هو عالمي تيل جي ترسيل کي روڪڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو