ڪامران ٽيسوري گورنر سنڌ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: اڳوڻي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو صدرِ مملڪت جي نالي لکيل باضابطه استعيفيٰ سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن گورنر سنڌ طور خدمتون انجام ڏيڻ کي پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز قرار ڏنو آهي۔تفصيل موجب ڪامران ٽيسوري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ذريعن موجب هن پنهنجو استعيفيٰ منجهند جو صدرِ مملڪت ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو۔پنهنجي استعيفيٰ ۾ هن چيو ته گورنر سنڌ طور خدمت ڪرڻ جو موقعو ملڻ سندس لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه هئي۔ هن پنهنجي دور ۾ ڪيل فلاحي قدمن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته گورنر هائوس جي پروگرام تحت لڳ ڀڳ 50 هزار ٻارن کي آئي ٽي جي تعليم فراهم ڪئي وئي، جيڪو هڪ اهم سنگِ ميل آهي۔هن وڌيڪ چيو ته سندس دور ۾ مستحق خاندانن ۾ راشن، موٽر سائيڪلون ۽ ليپ ٽاپ ورهايا ويا، جڏهن ته گورنر هائوس جا دروازا عام ماڻهن لاءِ کوليا ويا ته جيئن شهرين کي سڌي رسائي ملي سگهي۔امران ٽيسوري حڪومت کان اپيل ڪئي ته سندس دور ۾ شروع ڪيل عوامي ڀلائي وارا منصوبا مستقبل ۾ به جاري رکيا وڃن۔هن پنهنجي پيغام جي آخر ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪندي “پاڪستان زنده باد” جو نعرو هڻي استعيفيٰ جو اختتام ڪيو۔

پنھنجي راءِ لکو