سعودي ايئربيس تي ايراني حملو، 5 آمريڪي جنگي جهاز متاثر

رياض (ويب ڊيسڪ): وال اسٹریٹ جرنل جي رپورٽ موجب سعودي عرب ۾ موجود شهزادو سلطان ايئربيس تي ايراني ميزائل حملن دوران آمريڪي فضائيه جا 5 جنگي جهاز متاثر ٿيا آهن۔

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايران تازو ڏينهن ۾ ايئربيس کي ميزائلن سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪي فضائيه جا 5 ري فيولنگ جهاز ميزائلن جي زد ۾ اچي ويا۔

آمريڪي اختيارين موجب جهازن کي نقصان پهتو آهي پر اهي مڪمل طور تباهه ناهن ٿيا۔ متاثر ٿيل جهازن جي مرمت جو ڪم ايئربيس تي جاري آهي، جڏهن ته حملي ۾ ڪو به جاني نقصان رپورٽ ناهي ٿيو۔

رپورٽ مطابق امريڪي سينٽرل ڪمانڊ هن واقعي تي في الحال ڪو به سرڪاري تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پر آمريڪي ذريعن نقصان جي تصديق ڪئي آهي۔

ماهرن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۾ آمريڪي فوجي اڏي کي نشانو بڻائڻ سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي سگهي ٿي، ۽ هن ڪارروائي کي اهم پيش رفت طور ڏٺو پيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو