يومِ پاڪستان تي عسڪري قيادت جو دفاعِ وطن جو عزم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): يومِ پاڪستان جي موقعي تي عسڪري قيادت ۽ مسلح فوجن ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اعادو ڪيو آهي۔

پاڪ فوج جي شعبي تعلقاتِ عامه موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدھو پنهنجي گڏيل پيغام ۾ چيو ته 23 مارچ 1940ع اسان جي تاريخ جو اهم سنگِ ميل ڏينهن آهي، جنهن برصغير جي مسلمانن لاءِ آزاد وطن جي بنياد وڌي۔

عسڪري قيادت چيو ته هي ڏينهن ايمان، اميد ۽ ثابت قدمي جي علامت آهي۔ الله تعالى جي فضل سان پاڪستان جمهوريت جي تسلسل سان ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ اسلامي اصولن کي برقرار رکيو پيو وڃي۔

هنن چيو ته ملڪ کي درپيش دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي چئلينجن باوجود مسلح فوجون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عوام گڏجي انهن خطرن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن۔

يومِ پاڪستان جي موقعي تي عسڪري قيادت هن عزم جو به اعادو ڪيو ته مسلح فوجون هر قسم جي جارحيت ۽ دهشتگردي خلاف ملڪ جي سرحدن جي حفاظت، خودمختياري جي تحفظ ۽ اندروني امن جي قيام لاءِ هر وقت تيار آهن۔

پنھنجي راءِ لکو