اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اڄ کان 30 مارچ تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني هوائون، موسلادھار برسات ۽ ڪڏهن ڪڏهن اولھه به ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو هڪ سلسلو بلوچستان جي ڏکڻ اوڀر واري علائقن ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جيڪو 27 مارچ تي شدت اختيار ڪندو ۽ 30 مارچ تائين جاري رهندو. انهي دوران ڏينهن جي گرمي پد ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
ھن موسمي سسٽم تحت ملڪ ۾ وقفن سان تيز هوائون هلنديون ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي اولھه به ٿي سگھي ٿي. مٿين علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو وڌي ويو آهي.
پي ڊي ايم ايز شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته ڪمزور عمارتن ۽ تنصيبات کي نقصان کان بچائڻ، موسلادھار برسات دوران احتياط ڪرڻ ۽ فصلن جي حفاظت لاءِ ضروري قدمن کي اپنائن
