ايران آمريڪي امن منصوبي جي جواب ۾ 6 مطالبا پيش ڪري ڇڏيا

يران آمريڪا جي 15 نڪاتي امن منصوبي جي جواب ۾ پنهنجا 6 اهم مطالبا پيش ڪري ڇڏيا آهن۔رپورٽن موجب Islamic Revolutionary Guard Corps مطالبو ڪيو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن به جنگ يا جارحيت کان بچڻ لاءِ واضح ۽ قابل عمل بين الاقوامي ضمانت ڏني وڃي۔ٻئي شرط طور ايران وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن جي مڪمل بندش جو مطالبو ڪيو آهي۔ ٽئين شرط ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ Israel پنهنجين پوزيشنن تان پوئتي هٽن ۽ ايران کي ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جو مڪمل ازالو ڪن۔چوٿين شرط ۾ لبنان، يمن ۽ ٻين علائقن ۾ جاري سڀني جنگي ۽ مخالف سرگرمين کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔پنجين شرط ۾ ايران Strait of Hormuz تي ڪنٽرول ۽ ٽيڪس وصولي جو حق گهريو آهي ۽ نئون بين الاقوامي قانوني نظام نافذ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي۔
ڇهين ۽ آخري شرط طور ايران خلاف هلندڙ ميڊيا پروپيگنڊا روڪڻ ۽ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو