ڪراچي (ويب ڊيسڪ) – سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميونسپل ادارن جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۽ واجبات ادا نه ڪرڻ جي سلسلي ۾ ميئر ڪراچي ۽ ٻين آفيسرن خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سرڪاري وڪيل عبدالجليل زبيدي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
سرڪاري وڪيل موجب ميونسپل ڪمشنر ڪراچي، ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات کي خط لکيو آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين پينشن واجبات لاءِ 20 ڪروڙ روپيه فراهم ڪيا هئا. وڌيڪ واجبات لاءِ 3 ڪروڙ 45 لک روپين جي ضرورت آهي.
سرڪاري وڪيل تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ آهي، سرڪاري گاڏين جو استعمال به اڌ ڪيو ويو آهي ۽ ٻن ڏينهن جي موڪل ڏني وئي آهي، جڏهن ته ميڊيڪل ۽ ترقياتي منصوبن جو ڪم پڻ متاثر ٿيو آهي.
جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ پڇاڻو ڪيو ته ڇا سنڌ ۾ مالي بحران آهي، جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته وفاقي حڪومت جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. عدالت درخواست تي ٽن هفتن ۾ تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو.
درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مئي 2025 ۾ پينشنري فائدن جي ادائيگي جو حڪم ڏنو هو ۽ فنانس ڊپارٽمينٽ کي فنڊز جي کوٽ پوري ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي هئي. سيڪريٽري بلديات کي رٽائرڊ ۽ ايندڙ سال رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي فهرست ميئر ڪراچي کي فراهم ڪرڻي هئي، جڏهن ته ڪي ايم سي کي ٻن سالن تائين پينشن جي ادائيگي جاري رکڻي هئي.
وڪيل موجب عدالتي حڪمن جي باوجود پينشن جي ادائيگي مڪمل طور تي رڪيل آهي، جنهن سبب رٽائرڊ ملازمن کي سخت مالي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. انهي ڪري سيڪريٽري بلديات، ميئر ڪراچي، ميونسپل ڪمشنر، ڪي ايم سي ۽ ٻين آفيسرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
