اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) – وفاقي آئيني عدالت ننڍي عمر ۾ شادي جي نڪاح بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت 18 سالن کان ننڍي عمر جي مسيحي ڇوڪرين جي مسلمان ڇوڪرن سان شادي کي شرعي طور صحيح قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته مسلمان مرد اهل ڪتاب عورتن سان نڪاح ڪري سگهن ٿا.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته چائلڊ ميرج ايڪٽ 1929 تحت ننڍي عمر جي شادي تي صرف فوجداري سزا جو ذڪر آهي، نڪاح کي ختم ڪرڻ جو ڪو قانوني ذڪر موجود ناهي.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ماريه بي بي جو اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ شهريار نالي ڇوڪري سان نڪاح کي صحيح قرار ڏنو. عدالت چيو ته ماريه نڪاح کان اڳ اسلام قبول ڪيو، جنهن جو ڊڪليئريشن موجود آهي، ۽ حبس بيجا جي درخواست ۾ ڇوڪري جي عمر جي درستگي جو جائزو نه ٿو وٺي سگهجي.
عدالتي فيصلي موجب آئيني تشريح جو حتمي فورم وفاقي آئيني عدالت آهي، ۽ سپريم ڪورٽ سميت سڀئي عدالتون آئيني عدالت جو حڪم مڃڻ جي پابند آهن. آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جي واضح ڪيل اصولن تي عمل ڪرڻ جي پابند نه آهي ۽ آئين سان تڪراري فيصلا مڃڻ ضروري نه آهي.
ياد رهي ته لاهور جي رهواسي ماريه بي بي اسلام قبول ڪري شهريار نالي ڇوڪري سان شادي ڪئي هئي. ماريه جي والد جولاءِ 2015 ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪيو، جيڪو خارج ڪيو ويو. ماريه عدالت ۾ بيان ڏنو ته هن پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي ۽ ڪنهن دٻاءُ ۾ نه هئي.
عدالت چيو ته والد جي ايف آءِ آر ۾ ڌيءَ جي عمر 13 کان 14 سال ٻڌائي وئي، جڏهن ته دليلن ۾ 12 سال 9 مهينا ٻڌايا ويا. نادرا رڪارڊ موجب ماريه بي بي ۽ سندس ڀيڻ جي عمر ۾ فرق 8 مهينن کان گهٽ آهي، ۽ عدالت انهن دستاويزن تي ڀاڙيو. وفاقي آئيني عدالت چيو ته ڇوڪري ميجسٽريٽ جي سامهون پيش ٿي ۽ پنهنجي مرضي سان نڪاح ڪرڻ جو اظهار ڪيو.
