گھوٽڪي (ويب ڊيسڪ) – گھوٽڪي جي علائقي غوثپور جي ڪچي وارن علائقن ۾ اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين خان محمد ۽ سيدو اوڳاهي جي وچ ۾ پراڻو خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو.
مقامي ذريعن موجب ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، جنهن نتيجي ۾ 30 ورهين جو نوجوان حماد پٽ آچر اوڳاهي زخمي ٿي ٿڙي تي جاں بحق ٿي ويو. مارجي ويل جو لاش گھوٽڪي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته لڳ ڀڳ ٻارهه سال اڳ چوپائي مال جي چوري سبب اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھڳڙو شروع ٿيو هو، جنهن ۾ چاڪر تيغاڻي، سيدو اوڳاهي ۽ اسحاق اوڳاهي قتل ٿي ويا هئا.
فائرنگ جو سلسلو لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جاري رهيو ۽ علائقو جنگ جي ميدان جي صورت اختيار ڪري ويو. پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي صورتحال جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
