پشاور (ويب ڊيسڪ) – محکمہ بلدیات خیبر پختونخوا صوبي ۾ فيول ڪنزرويشن پلان تحت هر جمعي تي 100 سيڪڙو “ورڪ فرام هوم” لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
محڪمي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اهو فيصلو ايندھن جي بچت ۽ بهتر گورننس جي قدمن تحت ڪيو ويو آهي. هاڻي بلديات کاتي ۽ ان جي فيلڊ فارميشنز سميت سڀئي لاڳاپيل آفيسون هر جمعي تي گهران آن لائين ڪم ڪنديون.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پاليسي شروعاتي طور ٻن مهينن لاءِ لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ان مدي ۾ واڌ به ڪري سگهجي ٿي.
صوبائي حڪومت موجب هن فيصلي جو مقصد ايندھن جي بچت ۽ انتظامي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. آفيسرن ۽ عملي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته حڪمن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سرڪاري ڪم ڪار ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي.
