خيرپور (ويب ڊيسڪ) – پاڪستان ۾ توانائي شعبي لاءِ اهم اڳڀرائي ڪندي Oil and Gas Development Company Limited (او جي ڊي سي ايل) سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ گئس جا وسيع ذخيرا دريافت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي۔
او جي ڊي سي ايل پاران جاري بيان موجب سهتو-1 کوهه مان وڏي مقدار ۾ گئس هٿ آئي آهي، جنهن مان روزانو تقريبن 17.2 ملين مکعب فٽ گئس حاصل ڪئي ويندي۔
ڪمپني ٻڌايو ته سهتو-1 کوهه مان 3390 پي ايس آءِ پريشر سان مضبوط ذخيرن جا آثار مليا آهن۔ کوهه جي کوٽائي ڊسمبر 2025 ۾ شروع ڪئي وئي هئي، جڏهن ته 3870 ميٽر کوٽائي بعد گئس دريافت ٿي۔
بيان موجب منصوبي ۾ او جي ڊي سي ايل جو 95 سيڪڙو حصو آهي، جڏهن ته Government Holdings (Private) Limited (جي ايڇ پي ايل) جو 5 سيڪڙو حصو شامل آهي۔
ڪمپني جو چوڻ آهي ته نئين دريافت سان ملڪ جي توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ مقامي گئس جي پيداوار ۾ واڌ ٿيندي
