حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) – سنڌ حڪومت امتحانن ۾ نقل جي روڪٿام لاءِ واٽر مارڪنگ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
صوبائي وزير بورڊ اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ امتحانن جي تيارين بابت اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده حالتن جي باوجود امتحان شيڊول موجب ٿيندا ۽ صوبي ۾ 1600 کان وڌيڪ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.
اسماعيل راهو چيو ته ڪراچي ۾ انٽر جا امتحان 25 اپريل ۽ ميٽرڪ جا امتحان 7 اپريل کان شروع ٿيندا، جڏهن ته سکر ڊويزن ۾ ميٽرڪ جا امتحان 30 مارچ ۽ انٽر جا امتحان 15 اپريل کان شروع ٿيندا.
وزير بورڊ وڌيڪ چيو ته واٽر مارڪنگ سسٽم ذريعي پيپر آئوٽ ڪندڙن جو فوري طور پتو لڳائي سگهجي ٿو. ان کان علاوه امتحاني مرڪز جي نگراني لاءِ صوبائي سطح تي شڪايتي سيل پڻ قائم ڪيو ويندو.
