صدر ۽ وزيراعظم عوام کي ارتھ آور جي موقعي تي روشنين کي بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر اَصِف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف عالمي ڏينهنِ ڌرتي (ارتھ آور) جي موقعي تي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اڄ رات هڪ ڪلاڪ لاءِ غير ضروري روشنين کي بند ڪن.

صدر زرداري چيو ته موسمي تبديليون پاڪستان لاءِ شديد خطرا پيدا ڪري رهيون آهن، جتي تازا ٻوڏ، خشڪي ۽ وڌندڙ گرمي جا وڏا چئلينج آهن. هن ماحولياتي تحفظ لاءِ گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ گرين پاڪستان پروگرام تحت صاف توانائي ۽ وڻ پوکڻ جي اهميت اجاگر ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هڪ ڪلاڪ لاءِ بجليءَ جو گهٽ استعمال هڪ علامتي قدم آهي، جيڪو ايندڙ نسلن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. حڪومت ريچارج پاڪستان جهڙن منصوبن ذريعي موسمياتي مزاحمتي ترقياتي ايجنڊن تي ڪم ڪري رهي آهي.

ارتھ آور جو مقصد توانائي بچائڻ ۽ ماحولياتي آلودگي جي خلاف عالمي شعور اجاگر ڪرڻ آهي، ۽ پاڪستان پئرس معاهدي جي مقصدن جي حصول لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.

پنھنجي راءِ لکو