ڪراچي جي علائقي خداداد ڪالوني ۾ هلندڙ گاڏي ۾ باهه، 9 ڄڻا زخمي

شهر جي علائقي خداداد ڪالوني ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هلندڙ گاڏي ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 9 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا۔

پوليس موجب زخمين ۾ 3 نينگريون، 4 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن۔ واقعي کانپوءِ سڀني زخمين کي فوري طور سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي۔

پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر خاندان شادي جي تقريب مان واپس گهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ اوچتو گاڏي ۾ باهه ڀڙڪي اٿي۔ ابتدائي جاچ موجب واقعو شايد شارٽ سرڪٽ سبب پيش آيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پوليس موجب سڀ زخمي خداداد ڪالوني جا رهواسي آهن ۽ واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ ڪئي پئي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو