ڪوهاٽ ۾ مالي تڪرار تي ٽن ڀائرن کي قتل

– خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪوهاٽ ۾ ٽن ڀائرن کي ٻه لک رپين جي مالي تڪرار سبب گولين سان قتل ڪيو ويو۔

پوليس موجب واقعو قالو بانڊه واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي حمله آورن گھات لڳائي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽنهي ڀائرن موقع تي ئي جان وڃائي ڇڏي. مقتولين جي سڃاڻپ احمد زمان (25)، فيصل زمان (30) ۽ اڪبر زمان (20) جي نالي سان ڪئي وئي آهي۔

شروعاتي تحقيقات موجب مقتولين ۽ حمله آورن جي وچ ۾ صرف ٻه لک رپين جي ادائيگي تي تڪرار هلي رهيو هو، جيڪو خوني تصادم ۾ تبديل ٿي ويو۔

پوليس جي وڏي نفري جاءِ واردات تي پهچي شواهد گڏ ڪيا، ۽ مقتولين جي والد محمد زمان جي مدعيت ۾ پوليس اسٽيشني ۾ ملزمان خلاف مقدمو درج ڪيو ويو آهي۔ ملزمان واقعو بعد فرار ٿي ويا آهن ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ماريا پيا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو