وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ اڄ اسلام آباد ۾ اهم سفارتي اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن پاڪستان کي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي۔
هن اجلاس ۾ پاکستان، سعودي عرب، ترکیہ ۽ مصر جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪري رهيا آهن، جتي امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم ڳالهيون ٿينديون۔
مصر جو پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطی ۽ ترڪي جو پرڏيهي وزير حاقان فیدان اسلام آباد پهچي چڪا آهن، جن جو استقبال اسحاق ڊار ڪيو، جڏهن ته سعودي وزير خارجہ فیصل بن فرحان جي آمد جو امڪان آهي۔
اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ علائقائي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون۔
ترجمان موجب اسحاق ڊار ٻنهي اڳواڻن سان ملاقات ڪري علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال ونڊيو ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو۔
ان کان علاوه قطر ۽ ايران سان پڻ رابطا ڪيا ويا، جتي عباس عراقچی سان ڳالهين ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڏنو ويو۔
ايران پاران پاڪستاني جهازن کي آبنائے هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏيڻ کي پڻ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو ويو آهي، جيڪا علائقي ۾ امن لاءِ اهم سمجهي پئي وڃي۔
