ڪراچي ۾ ٻه باهه جا واقعا، اورنگي ٽائون ۾ ماءُ ڌيءَ فوت، گلستان جوهر ۾ 200 کان وڌيڪ جھگيون سڙي ويون

ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون شاهه فيصل چوڪ ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب ٻه عورتون سڙي فوت ٿي ويون۔پوليس موجب فوت ٿيل عورتن جي سڃاڻپ 50 ورهين جي ڪليم النساء ۽ 25 ورهين جي عتيقه طور ٿي آهي، جيڪي ماءُ ۽ ڌيءَ هيون۔ شروعاتي جاچ موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي۔لاشون عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيون ويون، جڏهن ته فائر برگيڊ باهه تي ضابطو آڻي ورتو۔
ٻئي پاسي گلستان جوهر ۾ منور چورنگي ڀرسان سلنڈر ڌماڪي سبب لڳل باهه 200 کان وڌيڪ جھگين کي ساڙي ڇڏيو۔فائر برگيڊ جون 4 گاڏيون ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن کان پوءِ باهه تي ضابطو آڻي ويون، جڏهن ته سامان، موٽر سائيڪلون ۽ مال مويشي سڙي ويا، پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو۔

پنھنجي راءِ لکو