دادو (ويب ڊيسڪ) – ميهڙ واسي امِ رباب چانڊيو جي والد تمندار مختار علي چانڊيو، ڏاڏي رئيس ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي ٽهري قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي۔
تفصيلن موجب دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڪيس ۾ نامزد سردار احمد خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو سميت سمورن اٺن جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔
هي هاءِ پروفائل قتل ڪيس ڊگهي عرصي کان عدالت ۾ زيرِ سماعت هو، جنهن ۾ امِ رباب چانڊيو پنهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل جي انصاف لاءِ قانوني جدوجهد ڪري رهي هئي۔ عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو۔
عدالت شاهدين ۽ ثبوتن جي روشني ۾ قرار ڏنو ته جوابدارن خلاف ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو، جنهن بنياد تي سڀني نامزد جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن۔
