لاهور (ویب ڊيسڪ) — لاھور کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جهاز وڏي حادثي کان بچي ويو، جهاز ۾ سوار 200 کان وڌيڪ مسافر محفوظ رھيا۔
تفصيلن مطابق پي آءِ اي جي پرواز PK-305 ٽيڪ آف کان ٿوري دير بعد هڪ پکين سان ٽڪرائي وئي، جنهن بعد پائلٽ فوري طور ڪنٽرول ٽاور کي اطلاع ڏني ۽ جهاز کي مهارت سان واپس لاھور ايئرپورٽ تي اتاريو۔
خوشقسمتيءَ سان جهاز ۾ سوار سڀئي 200 کان وڌيڪ مسافر محفوظ رھيا۔ ايئرپورٽ ذريعن موجب ٽڪر کان انجن کي ٿيندڙ نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ انجنيئرز ٽيم معائنو ڪري رهي آهي۔
قومي ايئر لائن انتظاميا متاثر ٿيل پرواز جا مسافر متبادل جهاز ذريعي ڪراچي روانا ڪرڻ جا اقدامات ڪري رهي آهي۔
