پشاور ۾ پي ڊي ايم اي پاران 25 مارچ کان جاري برساتن سبب خيبر پختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جي ابتدائي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي۔رپورٽ موجب برساتن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 18 ڄڻا فوت ۽ 72 زخمي ٿي چڪا آهن۔ فوت ٿيلن ۾ 14 ٻار، هڪ مرد ۽ 3 عورتون شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 32 مرد، 7 عورتون ۽ 33 ٻار شامل آهن۔پي ڊي ايم اي مطابق برساتن سبب 60 گهر متاثر ٿيا آهن، جن مان 51 کي جزوي نقصان پهتو جڏهن ته 9 گهر مڪمل طور تي ڊهي پيا آهن۔حادثا بنوں، پشاور، ڪوهاٽ، نوشهره، باجوڙ، ڪرم، شانگلا ۽ ٻين ضلعن ۾ پيش آيا۔ متاثر علائقن ۾ ضلعي انتظاميه کي فوري امدادي ڪارروايون ڪرڻ ۽ متاثرن کي ضروري سامان فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔
