سکر بورڊ هيٺ نائين ۽ ڏهين جا امتحان جاري، نقل روڪڻ لاءِ سخت انتظامات

سکر (ويب ڊيسڪ) — سکر تعليمي بورڊ جي انتظام هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جا ساليانا امتحان جاري آهن. گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ميرس ضلعن ۾ هڪ لک ڏهه هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون 234 امتحاني مرڪزن تي صبح ۽ شام ٻن شفٽن ۾ امتحان ڏئي رهيا آهن.

چيئرمين سکر تعليمي بورڊ زاهد علي چنڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نقل جي روڪٿام لاءِ گهوٽڪي ۾ 51، سکر ۾ 62 ۽ خيرپور ميرس ۾ 117 امتحاني مرڪزن تي مجموعي طور 33 وجيلنس ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته 5 خصوصي وجيلنس ٽيمون انهن جي نگراني ڪري رهيون آهن.

امتحاني مرڪزن تي موبائل فون ۽ گائيڊ بڪ آڻڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. جيڪڏهن ڪو شاگرد موبائل کڻي اچي ٿو ته اهو امتحان دوران ضبط ڪري پرچي ختم ٿيڻ بعد واپس ڪيو ويندو. ضلعي انتظاميا جون ڇاپا مار ٽيمون پڻ مرڪزن جو دورو ڪري رهيون آهن.

هن ٻڌايو ته امتحان دوران بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ سيپڪو اختيارين سان گڏجاڻي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪمشنر سکر ڊويزن سان سيڪيورٽي انتظامن بابت به صلاح مشورو ڪيو ويو آهي. امتحاني مرڪزن تي پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه مرڪزن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس پڻ قائم ڪيا ويا آهن.

چيئرمين بورڊ موجب جوابي ڪاپين جي چڪاس لاءِ مؤثر نظام جوڙيو ويو آهي ته جيئن نتيجا شفاف بڻجن. هن سال نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جماعتن جا نتيجا جديد ڪمپيوٽرائيزڊ طريقيڪار تحت جاري ڪيا ويندا.

پنھنجي راءِ لکو