راولپنڊي: هلندڙ گاڏي ۾ عورت سان زيادتي ڪيس، 3 جوابدار گرفتار

راولپنڊي جي علائقي روات ۾ پوليس فوري ڪارروائي ڪندي هڪ شادي شده عورت سان مبينا زيادتي ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ وين جو ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر ۽ انهن جو هڪ ساٿي شامل آهي۔ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن متاثرہ عورت خريداري لاءِ وڃي رهي هئي ۽ گاڏي ۾ موجود جوابدارن کيس نشانو بڻايو۔سي پي او خالد محمود همداني واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي ٽنهي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو۔ڪيس ۾ ان وقت اهم موڙ آيو جڏهن مدعيه الزام هنيو ته هن واقعي پٺيان سندس ساس ۽ نند جو به هٿ ٿي سگهي ٿو۔ پوليس ٻنهي عورتن کي به جاچ ۾ شامل ڪري ورتو آهي۔حڪام موجب واقعي جي هر پهلو کان جاچ جاري آهي ۽ ثبوتن جي بنياد تي ميرٽ تي ڪيس مڪمل ڪري جوابدارن کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو