ڪراچي: سنڌ حڪومت ڊيري فارمرز کي سخت خبردار ڪيو آهي ته دودھ جي قيمت ۾ هاڻي وڌيڪ هڪ روپيو به اضافو نه ٿيندو ۽ حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.
ترجمان سنڌ حڪومت سعدیہ جاوید چيو آهي ته صوبائي حڪومت دودھ جي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جي خودساختہ اضافي کي برداشت نه ڪندي. ڊيري فارمرز کي واضع پيغام ڏنو ويو آهي ته عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي ۽ دودھ جي معيار تي ڪا سمجھوتو نه ٿيندو.
سعدیہ جاوید ٻڌايو ته جيئن ئي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي، حڪومت دودھ جي نرخن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سرگرم ڪوششون ڪندي. فوڊ اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميه کي به بازار ۾ قيمتن ۽ معيار جي نگراني لاءِ متحرڪ ڪيو ويو آهي ته جيئن شهرين کي مقرر ڪيل نرخن تي خالص دودھ پهچائي سگهجي.
