ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ تازي واڌ کي عوام جو “معاشي قتل” قرار ڏيندي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي۔
هن چيو ته حڪومت جي هي عوام دشمن پاليسي ناقابلِ قبول آهي ۽ هن فيصلي سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، جنهن جو سڌو اثر عام شهري تي پوندو۔
سيد زين شاهه اعلان ڪيو ته حڪومت جي هن قدم خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڄ کان ٽن ڏينهن واري احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي۔ پارٽي جا ڪارڪن 3 اپريل کان 5 اپريل تائين صوبي ڀر ۾ عوام سان گڏ احتجاجي مظاهرا ڪندا۔
هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجن حقن لاءِ هن احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن۔
