موبائل ايپ ذريعي سستو پيٽرول حاصل ڪرڻ جو طريقو ۽ شرطون جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): حڪومت پاڪستان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ريڪارڊ واڌ کانپوءِ غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ “موٽر سائيڪل پيٽرول سبسڊي رليف پيڪيج 2026” جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ هن اسڪيم تحت شهرين کي ماهوار 2 هزار کان 5 هزار رپين تائين سڌو سنئون رليف ملندو۔

عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت 458 رپيا جڏهن ته ڊيزل 520 رپيا في ليٽر کان وڌي چڪي آهي، جنهن بعد حڪومت هي رليف پيڪيج متعارف ڪرايو آهي۔

في ليٽر 100 رپين تائين رعايت

اسڪيم تحت اهل شهرين کي پيٽرول تي في ليٽر 100 رپين تائين سبسڊي ڏني ويندي، جڏهن ته هر رجسٽرڊ موٽر سائيڪل سوار کي ماهوار 20 کان 30 ليٽر سستو پيٽرول فراهم ڪيو ويندو۔

اهليت جون شرطون

سبسڊي حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺيون شرطون لازمي قرار ڏنيون ويون آهن:

درخواست ڏيندڙ جي ماهوار آمدني 50 کان 60 هزار رپين کان گهٽ هجي۔
موٽر سائيڪل درخواست ڏيندڙ جي نالي تي رجسٽرڊ هجي ۽ نمبر پليٽ تصديق شده هجي۔
سڃاڻپ ڪارڊ (CNIC) ۽ موبائل سم هڪ ئي نالي تي رجسٽرڊ هجن۔
درخواست ڏيڻ جو طريقو

حڪومت رجسٽريشن لاءِ ڊجيٽل سسٽم متعارف ڪرايو آهي۔ شهري پنهنجو صحيح سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ گاڏي جي تفصيل 9771 تي موڪلي تصديقي ڪوڊ حاصل ڪري سگهن ٿا۔

حڪومت جلد ئي “فيول سبسڊي ايپ 2026” به لانچ ڪندي، جنهن ذريعي QR ڪوڊ سسٽم تحت ملڪ جي 12 هزار کان وڌيڪ مخصوص پيٽرول پمپن تان سستو پيٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو۔

عوام لاءِ هدايت

حڪام شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته رجسٽريشن لاءِ رڳو سرڪاري ويب سائيٽن ۽ آفيسر ڪوڊز جو استعمال ڪن ۽ ڪنهن به غير مستند ايپ يا ويب سائيٽ تي پنهنجون معلومات شيئر نه ڪن۔

ڪا به شڪايت يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽول فري نمبر 0800-03000 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو

پنھنجي راءِ لکو