ڪراچي: سنڌ حڪومت جو وڏو اعلان، موٽر سائيڪل سوارن کي هر مهيني 2000 رپيا سبسڊي ملندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) – پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ سنڌ حڪومت موٽر سائيڪل سوارن لاءِ اهم رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس دوران چيو ته سنڌ حڪومت هر موٽر سائيڪل سوار کي هر مهيني 2 هزار رپيا فيول سبسڊي فراهم ڪندي۔

هن ٻڌايو ته هن اسڪيم تحت رقم جي منتقلي لاءِ ايڪسائيز کاتو جلد موبائل ايپليڪيشن جاري ڪندو، جتي شهري پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ (CNIC) ۽ بينڪ اڪائونٽ (IBAN) نمبر داخل ڪري سبسڊي حاصل ڪري سگهندا۔

وزيراعليٰ موجب درخواست ڏيندڙ کي ايپ ۾ پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪرڻو پوندو، جنهن ذريعي سسٽم پاڻمرادو تصديق ڪندو ته موٽر سائيڪل درخواست ڏيندڙ جي نالي تي رجسٽرڊ آهي يا نه۔ جيڪڏهن موٽر سائيڪل مالڪ جي نالي تي رجسٽرڊ نه هوندي ته اهو سبسڊي لاءِ اهل نه هوندو۔

هن چيو ته جن ماڻهن موٽر سائيڪل خريد ڪئي آهي پر پنهنجي نالي منتقل نه ڪرائي آهي، اهي 15 ڏينهن اندر مفت ٽرانسفر ڪرائي سگهن ٿا۔ حڪومت ٽرانسفر فيس ختم ڪري ڇڏي آهي ته جيئن صرف اصل مالڪن کي ئي سبسڊي ملي سگهي۔

مراد علي شاهه ٻڌايو ته اميد آهي ته 15 کان 20 اپريل وچ ۾ سبسڊي جون رقمون مستحق ماڻهن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيون وينديون۔

هن وڌيڪ اعلان ڪيو ته انٽرا سٽي ۽ انٽر سٽي مسافر بسن کي في بس 1 لک 40 هزار رپيا سبسڊي ڏني ويندي ته جيئن ڀاڙا مستحڪم رکيا وڃن۔ سبسڊي وٺندڙ بسن کي ڀاڙو وڌائڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته هي سهولت مال بردار ٽرانسپورٽ لاءِ لاڳو نه ٿيندي۔

وزيراعليٰ سنڌ چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن سبب اگهن ۾ واڌ ناگزير هئي، تنهن هوندي به وفاقي حڪومت کي گهرجي ته پيٽرول تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ليوي ختم ڪري عوام کي سڌو سنئون رليف فراهم ڪري۔

ويب ڊيسڪ

پنھنجي راءِ لکو