ايل پي جي جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي

سکر (ویب ڈیسک) – ايل پي جي جي قيمت هن وقت ملڪ جي تاريخ جي بلند ترين سطح 500 روپيه في ڪلو تائين پهچي وئي آهي.

نجی ٽي وي جي رپورٽ موجب صارفين جو چوڻ آهي ته انهن کي ايل پي جي سرڪاري مقرر ڪيل قيمت کان به 200 روپيا وڌيڪ قيمت تي ملي رهي آهي.

ٻئي طرف ايل پي جي ڊسٽري بيوٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالهادي خان اهڙي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته مارڪيٽ ۾ سپلائي جي گهٽتائي ۽ ڊسٽري بيوٽرز کي مهانگي اگهه تي ايل پي جي ملڻ، وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪرڻ جا بنيادي سبب آهن.

عبدالهادي خان وڌيڪ وضاحت ڪئي ته اوگرا ۽ لاڳاپيل امپورٽرز ايل پي جي کي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿيڻ کان روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن، جنهن سبب بحران وڌي رهيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو