اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) – دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڀارت ڪنهن به قسم جو ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان جو ڀرپور جواب ايندو ۽ ضرورت پوڻ تي جواب ڪلڪتي تائين پهچائي سگهجي ٿو.
خواجه آصف زور ڏنو ته خطي ۾ امن قائم ٿيڻ گهرجي ۽ پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اتفاق ضروري آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستاني فوج ڀارت کي اڳ ۾ جنگ ۾ عبرتناڪ شڪست ڏني هئي.
وزير دفاع وڌيڪ چيو ته پاڪستان انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ دعا گهرجي ته ملڪ پنهنجي ڪردار ۾ ڪامياب ٿئي ۽ خطي ۾ امن ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ اتفاق قائم رهي.
