واشنگٽن: آمريڪي ڌمڪين تي ايران جو سخت ردعمل،

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر Donald Trump جي غير اخلاقي ۽ ڌمڪي ڀرئي بيان تي ايران جو سخت ردعمل سامهون اچي ويو آهي. ايراني قيادت خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ڪو به غلط قدم کنيو ته ان جا نتيجا سنگين نڪري سگهن ٿا.

ايراني سپريم ليڊر آیت اللہ علی خامنہ ای جي سينئر صلاحڪار علی اکبر ولایتی چيو آهي ته مزاحمتي محاذ جي متحده ڪمان باب المندب کي آبنائي هرمز جيان انتهائي اهميت جو حامل سمجهي ٿي. هنن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر ڪا غلطي ڪئي ته عالمي توانائي ۽ واپار جو نظام سخت متاثر ٿي سگهي ٿو.

ايراني عدليه پڻ سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايران جي استقامت سبب ٽرمپ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ توهين آميز ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي. ايران جي نائب صدر محمد رضا عارف چيو ته جيڪو اڳواڻ پنهنجي عوام جي فلاح قربان ڪري ٻين کي ڌمڪيون ڏئي، اهو جديد دور بدران پٿر جي زماني ۾ ڦاٿل آهي.

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قالیباف خبردار ڪيو ته جنگي ڏوهن ذريعي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. هن چيو ته غير ذميوارانه قدم هر آمريڪي خاندان لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ موجوده صورتحال جو واحد حل ايرانين جي حقن جو احترام آهي.

پاڪستان ۾ ايراني سفارتخاني پڻ آمريڪي رويي تي تنقيد ڪندي ٽرمپ جي مواخذي جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن ۾ ايراني مشن چيو آهي ته اهڙين کليل ڌمڪين تي عالمي برادري کي خاموش نه رهڻ گهرجي.

ياد رهي ته صدر ٽرمپ آبنائي هرمز نه کولڻ جي صورت ۾ ايران کي سنگين نتيجن جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ سخت ٻولي استعمال ڪئي آهي.

وڌيڪ اڳڀرائي جو انتظار ڪيو پيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو