ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) – ڪنڌڪوٽ لڳ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر شدت اختيار ڪري ورتو. فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان پرويز احمد بنگوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس والد محمد خان بنگوار سخت زخمي ٿي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب فائرنگ جديد هٿيارن سان ڪئي وئي ۽ واقعو گبلو ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو. فوت ٿيل لاش اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن کي حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته گهر پهچڻ تي ڳوٺ ۾ قهر ۽ احتجاج جو ماحول پيدا ٿي ويو.
ٻئي ڌريون مورچا بند ڪري ويون آهن ۽ ڪنهن به وقت وڌيڪ خونريزي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. اڃان تائين پوليس طرفان ڪا به ڪيس داخل نه ڪئي وئي آهي.
