اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) – محڪمو ايڪسايز موٽر سائيڪل سوارن لاءِ پٽرول سبسڊي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم اعلان ڪيو آهي. حڪومت پاران جاري ڪيل رليف پيڪيج مان فائدو وٺڻ لاءِ شرط رکيل آهي ته سبسڊي صرف انهن شهرين کي ملندي جن جون موٽر سائيڪلون پنهنجن نالن تي رجسٽرڊ هجن.
اسلام آباد ايڪسايز جي جاري ڪيل اطلاعيه موجب، شهرين جي سهولت لاءِ رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ آفيسون 24 ڪلاڪ کوليون وينديون ۽ اضافي ڪائونٽرز پڻ فعال ڪيا ويا آهن.
ڊي جي ايڪسايز عرفان ميمڻ شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور تي پنهنجي موٽر سائيڪل پنهنجن نالن تي منتقل ڪن ته جيئن پٽرول سبسڊي حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کان بچي سگهجي.
محڪمو ايڪسايز موجب، اهي قدم وڌيڪ کان وڌيڪ مستحق شهرين تائين حڪومت جي رليف پهچائڻ ۽ رجسٽريشن جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ کنيا ويا آهن.
